ڇاري مک

ڇاري مک

ڇاري مک

ڇاري مک (Breeze Fly/Breese Fly): هيءَ رت چوسيندڙ مک آهي، جنهن جي وڏي ڳوڙهي، ڍڍر جي سطح تي ٽڪور نشان ٿين ٿا. هن مک جي پرن جي وچ تي ڳاڙهو پٽو ٿئي ۽ ٻيو ڳاڙهو پٽو پيشانيءَ جي چوٽيءَ تي ٿيندو آهي. هيءَ مک گھوڙن لاءِ آزار آهي. هيءَ ڀُڻڪندڙ مکين (Gad Flies) ۽ ٻَگھين (Clegs) سان مشابهت رکي ٿي. اڏامڻ وقت تيز ڀڻڪار ڪري جانورن جي بت تي ويهي انهن کي چڪ پائي انهن جو رت پيئندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو